لاهور،پشاور ۽ ڪراچي ۾ فرق واضح آهي:سعد رفيق

لاهور(بيورو)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته لاهور جا ماڻهو پنهنجي شهر کان ٻاهر نڪري پشاور ۽ ڪراچي ڏسن، ته کين پاڻ فرق محسوس ٿيندو.سعد رفيق جو چوڻ هو ته 18هين ترميم کان پوءِ ڪو به صوبو اهو نٿو چئي سگهي ته کيس اختيار ۽ وسيلن ۾ حصو نه مليو آهي.هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي ٽين لڳاتار حڪومت هلي رهي آهي، جيڪڏهن حقيقت ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا وڃن ها ته اڄ اهڙي تباهي نه ٿئي ها.سعد رفيق چيو ته 350 ڊيمز مان جيڪڏهن ڪو صرف ساڍا ٽي ڊيمز جا نالا به ٻڌائي ڏي ته مان تسليم ڪري ڇڏيندس.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان کي سياست جي نظر ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.