ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ منعقد ٿيو، چيئرمين ڪميٽي اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو آهي، جنهن تحت پهرين ربيع الاول اڱارو سڀاڻي 26 آگسٽ تي ٿيندي ۽ 12 ربيع الاول ڇنڇر، 6 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي.