ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ استادن توڙي ھيڪ جي مخالفت جي باوجود سنڌ سرڪار طرفان ٽن وزيرن کي يونيورسٽينن جو پروچانسلر مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيرن جي پنھنجي کاتن ۾ ڪارڪردگي ٻڙي آھي، پ پ حڪومت جي ان فيصلي سان تعليمي ادارن ۾ ويتر تعليم تباھ ۽ ڪرپشن جا نوان دڳ کلندا. تعليم جي بھتري ميرٽ توڙي سياسي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ فيصلو واپس ورتو وڃي. ھڪ بيان ۾ چيوته پروچانسلرن جي مقرري وارو فيصلو تعليم دشمن آھي. اھڙي فيصلي سان يونيورسٽين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي سازش لڳي ٿي. پ پ 18سالن کان سنڌ ۾ برسر اقتدار آھي تعليم جي تباھي کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين ھر شعبو تباھي جي ڪنڌيءَ تي آھي. صرف ڪرپشن ۾ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، حقيقت اھا آھي ته جھڙي طريقي سان ايوان صدر کان ڪشمور تائين پ پ کي اقتدار ڏنو ويو آھي پ پ پاڻي تي ڌاڙي زمينن تي والار توڙي تعليمي ادارن جي تباھي تائين سنڌ براءِ فروخت جا بينر لڳائي ڇڏيا آھي.