علي گل بنگوار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿي ويل علي گل بنگوار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سوشل سماجي تنظيمن جي ماڻهن طرفان احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ امر حسيب پنهور، سائين ڪاظم مهيسر، وجاهت جاگيراڻي، ثناءُ الله ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته علي گل کي ڪارو ڪاري جي الزام جواز ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ڪڌي عمل کي ختم ڪرايو وڃي اسان سنڌي امن پسند ماڻهو آهيون، علي گل بنگوار کي قتل ڪيو ويو جنهن جا 2 ڀائر هن وقت زخمي آهن جيڪي علاج هيٺ آهن، هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي تي علي گل جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي وارثن طرفان پر هن وقت تائين پوليس قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.ڪيس ۾ نامزد جوابدارن سائين بخش، راشد علي ۽ ٻين 9 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل آهي پر پوليس کڪ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، پوليس قاتلن جي سپورٽ ڪري رهي آهي، قاتل سر عام گهمي رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ اندر ڪارو ڪاري جا واقعا وڌي رهيا آهن جيڪا حڪومت جي نااهلي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ئي سندس جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.