ڪجهه لاڳاپا رت جي رشتن کان وڌيڪ اثرائتا هوندا آهن، اهي نه ته رڳن ۾ وهندا آهن، نه نالن جي شجرن ۾ لکيا ويندا آهن، پر روح جي قرطاس تي پنهنجو نشان ڇڏيندا آهن. اسان ۽ جسٽس (ر) آغا رفيق خان جو تعلق به اهڙو ئي آهي. خانداني واسطو ضرور قديم آهي، پر جيڪا ويجھڙائي قلم، سوچ ۽ اصولن جي هم آهنگي سان بڻجي، اها گهڻي گهري، وڌيڪ دائمي ۽ يادگار آهي. جڏهن مون باقاعده لکڻ شروع ڪيو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اخبار “عوامي آواز” ۾، ته عمر جي فرق جهڙو سڀ ختم ٿي ويو،جئين ادب، شعور ۽ نظرين ۾ عمر جي ڪا حد نه هجي.
انهن تحريرن ذريعي منهنجي ربط انهن معزز عدالتي شخصيتن سان پيدا ٿيو، جن صرف قانون جي تشريح نه ڪئي، پر انصاف جي روح کي زنده رکيو. جنهن ۾ شامل هئا: چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري، جسٽس رانا ڀگوان داس، جسٽس سيد ديدار حسين شاهه (جيڪو مرحوم عبدالشڪور منشيءَ جا ذاتي دوست ۽ وڪالت جي دنيا ۾ اثرائتا هئا) ـ پر جنهن شخصيت ايتري مٺي دل جي عزت ورتي، سو هئا: جسٽس آغا رفيق خان، هو جيڪو هر منصب تي ٿي ڪري به، پنهنجي حڪومت کي آئينو ڏيکارڻ کان نه ڊنو.
آغا رفيق خان صرف هڪ جج يا بيوروڪريٽ نه آهن، پر هڪ اخلاقي علامت آهن جن پنهنجي ذاتي رشتن، سياسي دوستين ۽ اقتدار جي راهه تي به هميشه اصول، سچائي ۽ سڌائي کي مقدم رکي. جيستائين هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا چيئرمين هئا، اسان کيس فون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته سسٽم جي طوفان کان بچي رهي، ڇو ته گورنر هائوس کان وٺي وزيراعظم هائوس تائين مداخلت جو دٻاءُ هو. قلم فروشي، سفارش، ڪرپشن، اقرباپروري اهي سڀ ادارن کي ڀوري رهيا هئا. جڏهن ته اسان ٻڌو هو ته آغا رفيق خان صدر آصف علي زرداري جا ذاتي دوست ۽ ”ڪچن ڪيبنٽ“ جو حصو آهن، ان باوجود، انهن جو منصب تان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو بلڪل سنجيده ۽ غير معمولي هو.
آغا رفيق ان طوفان جي اڳيان وڻ وانگر بيھاريا، جيڪي ٽُٽي وڃڻ بدران ايوانِ اقتدار کي آئينو ڏيکارڻ جي جرئت رکندا آهن. هي ادارو سنڌ حڪومت جي سياسي مداخلت جي نذر ٿي رهيو آهي ۽ مان اهڙي منصب تي نه ٿو رهي سگهان جتي اصولن جو گلو گھٽيو وڃي. اڄ ڪلهه اسان ڏسون ٿا ته ڪي وڏا ڪردار رکندڙ وڪيل، 26هين آئيني تبديلي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جن کي منصب جهڙوڪ جسٽس، اي جي، پي جي ملن. پر هڪ ”مرد مجاهد“ سسٽم جا اصول ڀڃي ڇڏيو. پڪ آهي،پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو ڪامياب نه آهن، جيڪي اقتدار ۾ اچي قانون مٿان پاڻ کي سمجھي ويندا آهن. پر آغا رفيق خان اُن ناياب چهرن مان آهي، جن طاقت جي دروازن تي بيھي به دامن کي بيداغ رکيو. انهن جي شخصيت ۾ سادگي، آواز ۾ وقار ۽ فيصلن ۾ عدل جي روشني هئي.
اهي ماڻهو فقط نالا نه ڇڏين ٿا،پر راهه جا نشان بڻجي وڃن ٿا. توھان جي زندگي، ھڪ ورثو آهي اسان جو ڄاتو آغا رفيق خان، جيڪو شريعت ڪورٽ کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين تائين سفر ڪيو، اڄ اهو تاريخ جو حصو آهي. آغا رفيق خان ، توهان جي يار سالگرهه جي خوشيءَ تي منھنجي دل جي گهراين سان دعا آهي ته توھان جو سايو هميشه سلامت رهي. توهان جنهن حڪمت، ايمانداري ۽ ڪردار جي مشعل ٻاري آهي، اها اسان سڀني لاءِ امانت آهي. جيڪڏهن هن قوم، هن وطن ۽ هن ڌرتي جا غريب اڄ به اميد تي بيٺا آهن، ته اهو اصول پسند ماڻهن جي وجود جي ڪري آهي. توهان نه صرف سنڌ جا سچا فرزند آهيو، پر هن ڌرتي جي ضمير جي زنده تصوير آهيو. ۽ پڪ رکجو تاريخ اهڙن ماڻهن کي ڪڏھن ناهي وساريندي.