”جي ديپ وسامِي ويو، سڪرات هلي ويندي“: فتاح مَلڪَ جو وڇوڙو

تحرير: ياسر قاضي

سنڌ جو سجِيلو شاعر، ڪهاڻيڪار، دانشور ۽ ترقي پسند ليکڪن جي لڙهَه جو هڪ اهم موتي، فتاح ملڪ سنڌ کان ٺيڪ هڪ هفتو اڳ 12 آگسٽ 2025ع تي وڇڙي ويو. عبدالفتاح ملڪَ، پني عاقل ۾  4 مارچ  1939ع تي غلام قادر مَلڪ جي گهر ۾ اک کولي. پنهنجي ڄم جي تاريخ بابت فتاح ملڪ صاحب پاڻ لکي ٿو: ”مُنھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسانکي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونه ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ چوٿين اپريل 1939ع آهي.“ فتاح صاحب جن پاڻ ۾ 6 ڀائر ۽ 6 ڀينر هئا. جن مان ٻه ڀائر ۽ سڀ ڀينرون کائنس وڏا ۽ ٽي ڀائر ننڍا هئا. فتاح ملڪ جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا. جنهن بابت پاڻ فتاح لکي ٿو: ”چون ٿا ته اسانجو ڪو وڏو اڪيلي سر بلوچستان مان اڄ کان ڇهه يا ست سؤ سال اڳ خبر نه آهي ته ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري ’صاحبن جِي لوءِ‘ سڏيو ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيّد پير مونس شاهه جن هئا، جن ڏينھن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسانجو وڏو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻيءَ: بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو. خبر ناهي ته ڪھڙي ڳالهه کين هتي اچڻ تي مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجھه وقت ته خادمن ۽ مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، انڪري ڪوبه سندن حال احوال ڪونه پيو وٺي. بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي ته کين معلوم ٿيو ته همراهه وڏ گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجھه رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون. جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون. پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويليءَ سان گڏ گهر به ڏنائون، شادي وغيره به ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي به ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ’ڪوٽوال گهٽي‘ نالو رکيل آهي. اسانجو گھراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. منھنجي والد صاحب به پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي.“ (ڪتاب: ”جيڪي ياد پيوم“)

فتاح ملڪ صاحب ابتدائي تعليم پني عاقل مان، سيڪنڊري شِڪشا پني عاقلَ ۽ پير جي ڳوٺ سميت ناز ھاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. ان بعد بِي اي سکر مان ۽ قانُونَ جي ڊگري (ايل ايل بِي ) حيدرآباد مان حاصل ڪري، عملي وڪالت جو آغاز ڪيائين ۽ پنهنجي شعبي ۾ هڪ ماهر وڪيل طور پنهنجي ڌار سُڃاڻپ حاصل ڪيائين. پنهنجي هم نصابي توڙي ادبي سرگرمين بابت فتاح صاحب پاڻ لکيو آهي ته: ”شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪافي ارڏايون ڪيم. پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ خيرپور ناز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهيس. ڊرامن، مشاعرن، هڙتالن، ڊبيٽ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي هلايل تحريڪن ۾ سرگرم رهيس.“

فتاح ملڪ 1961ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ شروع کان ئي سنڌ جي ترقي پسند لڏي سان سلهاڙجي ويو. شيخ اياز ۽ فتاح مَلڪ جو شمار سکر جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو ۽ ٻنهي ۾ ادب، خاص طور شاعري ۽ قانون جي مشقَ ٻئي مشترڪ قدرَ هئا. جيتوڻيڪ فتاح، اياز کان 16 سال ننڍو هو، تنهن هوندي به ٻنهي جو ادبي ساٿ مثالي رهيو. سندن ادبي سنگَ ۾ ٽيون سنگتي رشيد ڀٽي هو. ٽنهي پنهنجي نؤجوانيءَ ۾ نؤخير برجستن انقلابي آوازن طور هڪ ادبي ٽيڙوءَ جي صورت سُڃاڻ ماڻي ۽ ون يُونٽ واري دؤر ۾ ڏاڍ جي خلاف ٽنهي جو قلمي پورهيو قوم لاءِ ڏَڍُ ۽ ڏاڍَ سان مهاڏو ثابت ٿيو. ون يُونٽ خلاف جاکوڙ ۾ سکر اهم مرڪز طور اڀريو، جتي رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، اظهر گيلاني وغيره، سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست سياست جا مهندار بڻيا. انهن سينيئرن جي سرواڻيءَ ۾ نؤجوانن ۾ ”اياز، رشيد ۽ فتاح“ جو هي ٽيڙُو سياسي توڙي ادبي مورچو سنڀالڻ ۾ اڳرو رهيو.

محمّد يونس مهر، فتاح بابت لکي ٿو: ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اها روايت هوندي هئي ته جڏهن به مَڇ جيل مان آزاد ٿيندو هو، ته ٻه ٽي راتيون، محبتي ماڻهوءَ فتاح مَلڪ وٽ اچي ضرور ترسندو هو، اُهي ڏينهن فتاح جي سکر واري گهر تي ميلو مَتل هوندو هو، سڀئي ڪامريڊَ اچي گڏ ٿيندا هئا. رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، شيخ اياز، رشيد ڀٽي… پوءِ ته جتي ڪامريڊ جو آڌر ڀاءُ ٿيندو هو، اُتي مَڇ جيل جا حال احوال ۽ سختين جا قصا به پيا ٿيندا هئا ۽ انهيءَ تي فخر مان اُوچا ٿيل ڳاٽَ ۽ گلن جي ورکا سان گڏ وري نئين عزم ۽ نئين ولولي سان نئون پروگرام جوڙبو هو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪب آباد، شڪاپور، سکر ۾ ون يونٽ مخالف محاذ جي پليٽ فارم تان زبردست جلسا ٿيا. انهن سڀني پروگرامن ۾ فتاح ملڪ، شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي گڏ هوندا هئا.“ فتاح ملڪ جو سنڌي ادبي سنگت سان به گَهِرو سنٻنڌ رهيو ۽ هُو ان جي سرگرم ڪارڪنن توڙي عهديدارن منجھان هو. خيرپور ۾ هُن سنڌي ادبي سنگت کي گھڻو مَچايو. سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي پليٽ فارم تان مَلڪ صاحب اسٽيج ڊراما به ڪيا. جن مان هڪڙو آغا حشر ڪاشميريءَ جي مزاحيه ڊرامي ”ڇَپن ڪروڙ ڪِي چوٿائي“ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڊرامو ”آچر“ جي نالي سان هو. جنهن ۾ هن پاڻ به پرفارم ڪيو. هن ڊرامي ۾ ”آچر“ جو ڪردار نامياري ڪهاڻيڪارَ جمال رند ادا ڪيو هو. اهو ڊرامو فتاح صاحب پنهنجي سٿَ سان ڳوٺ سُڌار پرگرام ۾ سڪرنڊ جي ميلي ۾ به کڻي ويو ۽ اتي به سندن ان ناٽڪ کي سٺي موٽ ملي. اهڙو هڪڙو ٻيو ڊرامو ”مومل راڻو“ جي عنوان سان فتاح صاحب خيرپور ۾ پرفارم ڪيو هو. انهن ڊرامن جي سموري آمدني سنڌي ادبي سنگت جي فنڊ ۾ جمع ٿيندي هئي.

شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ کان علاوه فتاح جي ادبي رفيقن ۾ تنوير عباسي، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، سليم خواجا، ڊاڪٽر محمّد عمر جاگيراڻي، عبدالقادر صديقي، نور الدين سرڪي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، امر جليل وغيره شامل هُئا. فتاح مَلڪ، امر جليل جي افسانن مان ايڏو متاثر هو، جو هُنَ سندس ڪھاڻين جي عنوانن تي شعر به چيا، جن ۾ ”جڏهن مان نه هوندس“ ۽ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“ جهڙا سندس لکيل نظم شامل آهن. فتاح ملڪ جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”ڪنول پاڙون پاتال ۾“ (شايع: 1988ع) ۽ ”آڻي آونگَ چاڙھيا“ (1997ع) شايع ٿي چڪا آھن. جڏهن ته نثر جي حوالي سان سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو گڏيل مجموعو ”ڀينر ھن ڀنڀور ۾“ (2002ع) پڙهندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيو، جنهن جا 3 ڇاپا ڇپيا. ان کان علاوه سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”جمنا سان پنج ڏينھن“ (2012ع) ۽ آتم ڪٿا ”جيڪي ياد پيوم“ (2009ع) پڻ سندس زندگيءَ ۾ منظرِ عام تي آيا. پنهنجي همعصر قلمڪارن جيان فتاح ملڪ جِي شاعريءَ ۾ رُومان سان گڏ مزاحمت ۽ انسان دوستيءَ جي پرچار سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جو درد به جابجا ملي ٿو:

ڌرتي پنھنجي سرتِي آهي

توکان ڪھڙو لڪُ لڪاءُ

سورِي سيجَ اسانجي آهي

مُرڪي لائج ميندي ماءُ !

فتاح ملڪ کي 3 پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس هڪ پُٽ عبدالسميع 13 جون 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. فتاح ملڪ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڳچ سالَ ادبي حوالي سان غيرسرگرم رهيو ۽ ادبي تقريبن ۾ به سندس شرڪت گھٽ گھٽ نظر آئي. هو اهي سال ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اولاد ۽ پوٽاڻ سان نجي زندگي گذاريندو رهيو ۽ ادبي دنيا کان پاسيرو رهيو. 12 آگسٽ 2025ع تي 86 ورهن جي ڄمارَ ۾ سنڌي ساهت، ڏاهپَ ۽ قومي تحريڪَ جو هي جرڪڻو ديپ، پنهنجي جوت پکيڙي هميشه لاءِ اهو چئي وسامي ويو ته:

جي ديپ وسامِي ويو، سَڪرات هلي ويندي

۽ تيل ٻرڻ کانپو، فڪرات هلي ويندي

جيسين هي جياپو آ، تيسين ته رَڳُون رَڙنديون

تارُون جي ڇڳيُون هيڪرَ، هر لات هلِي ويندي

کيس ڪراچيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ابدي آرامي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.