اسلام ڪوٽ ( ت ر) ملڪ جي آزادي جو 78 هون ڏهاڙو ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۾ منعقد ڪيل تقريب دوران قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي ڏني وئي، جنهن بعد جشن آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. تقريب دوران ٿر فائونديشن جي اسڪولن مان آيل ٻارڙن قومي گيتن تي رقص پيش ڪري ڀرپور داد وصول ڪيو. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر سائيٽ محمد اظهر ملڪ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج جي جوانن کي پرپور ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته جشن آزادي اسان کي انهن شهيد فوجي جوانن جي ياد ڏياري ٿي جن وطن لاء پنهنجي حياتين جي قرباني ڏني، اسان انهن جوانن کي به ڀيٽا پيش ڪيون ٿا جيڪي سرحدن تي ملڪ جي حفاظت ڪن ٿا. اظهر ملڪ چيو ته ، ٿر ڪول پاڪستان ۾ توانائي جي تحفظ جي علامت آهي، هن وقت بلاڪ ون ۽ ٽو مان ترتيب وار 1320 – 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا مجموعي طور تي 2640 ميگاواٽ بجلي آهي، ٿر بلاڪ ٽو جي کاڻ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ ٽئين مرحلي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ 660 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اسان کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ٿر جو ڪوئلو بجلي ٺاهڻ کان علاوه ٻين سيڪٽرز ۾ به استعمال ڪري سگهنداسين، ٿر ريل لِنڪ رٿا تي پڻ ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ پهچي سگهندو.