بحريا ٽائون جا 75 هزار ملازم فارغ ٿيڻ وارا؟

لاهور/اسلام آباد(مزمل سهروردي)ٽاپ سِٽي معاملي ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي گواهي اڳ ئي ٿي چڪي آهي، ٻيهر پيش ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي. جنرل فيض تي جيڪي الزام آهن، انهن جو وڏو حصو ريٽائرمينٽ کان پوءِ جي عملن بابت آهي، جهڙوڪ:جنرل عاصم منير جو تختو اٿلائڻ جي ڪوشش 9مئي جي واقعن ۾ ڪردار،اليڪشن 2024 ۾ سياسي مداخلت  اهي ڪم آرمي چيف جي حڪم کان سواءِ ڪيا ويا، انهن تي سندس فيلڊ ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو. پر جيڪي ڪم فيض حميد ڊائريڪٽر آءِ ايس آءِ يا ڪور ڪمانڊر جي حيثيت سان، آرمي چيف جي حڪم سان ڪيا، انهن کي قانوني تحفظ حاصل آهي.اطلاع آهن ته بحريا ٽائون جا لڳ ڀڳ 75هزار ملازم فارغ ڪيا ويندا. نئين انتظاميا چونڊجڻ کان پوءِ بحريا ٽائون هلندو، پر رهتن جي ڪري ڊي ايڇ اي ٽيڪ اوور ۾ دلچسپي نه ٿو ڏيکاري. امڪان آهي ته ضلعي انتظاميا يا خاص ڪميٽي ٽيڪ اوور ڪري، ۽ ملڪ رياض پاڻ به بحريا ٽائون مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.