پيرجوڳوٺ واسين سان اسلام آباد ۾ روڊ حادثو، 18 ڄڻا زخمي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) اسلام آباد جي جهلم واري علائقي ۾ پيرڳوٺ واسين سان روڊ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. تيز رفتار ويگن جو ٽائراڊ ٽٽڻ سبب گاڏي ڪلٽيون کاڌيون ۽ جابلو علائقي ۾ ڪري پئي. زخمين ۾ نادر سومرو، ساجد سومرو، عرفان خاصخيلي، ثنا الله بخاري، نويد آريجو ۽ ٻيا شامل آهن. نادر سومرو ۽ ساجد سومرو جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين جهلم اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

  • حيدرآباد ۾ نينگر جي قتل بابت وائرل خبر ڪوڙي نڪتي، پوليس جي به ترديد

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ سوشل ميڊيا تي نينگر جي بيدردي سان قتل جي وائرل ٿيل خبر بي بنياد ثابت ٿي. حيدرآباد پوليس طرفان جاري بيان موجب سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير سان گڏ دعويٰ ڪئي وئي ته ڪنھن وحشي نينگر کي قتل ڪيو آهي، پر جاچ دوران معلوم ٿيو ته اها خبر ڪوڙي آهي. پوليس نينگر جو وڊيو بيان به جاري ڪيو. ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو واقعي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سوشل ميڊيا تي اهڙيون بي بنياد خبرون ڦهلائيندڙن خلاف سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.