بحريا ٽائون لاءِ مني لانڊرنگ،طاقتور ڪياني خاندان جي شخصيت گرفتار

اسلام آباد(زاهد گشڪوري)بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض لاءِ مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ راولپنڊي مان ڪياني خاندان جي اهم شخصيت کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ايف آءِ اي طاقتور ڪياني فيملي جي ميمبر نويد اڪرم ڪياني کي بحريا ٽائون مان گرفتار ڪيو آهي،هن خلاف ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي،هن تي الزام آهي ته هن بحريا ٽائون دبئي پراجيڪٽ لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي آهي،راولپنڊي بحريا ٽائون اوورسيز سيڪٽر ۾ هن جي نالي تي ڪيترين ئي بي نامي جائيدادن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي پلازه،دڪان،ڪمرشل پلاٽ شامل آهن،بحريا ٽائون ڪراچي ۾ به ڪيترائي پلاٽ آهن،هن جي نالي تي ڪيتريون ئي ڪمپنيون ۽ ايجنسيون آهن جن جي ذريعي حواله هنڊي ڪئي وئي،جڏهن ته گرفتار ڪيل طاقتور برگيڊيئر(ر) کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي،بحريا ٽائون جو ڊپٽي چيف ايگزيڪيٽو ڪرنل(ر)خليل اڃا تائين ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهي،نيب 5400 ارب رپين،مختلف شيل ڪمپنين جي جاچ ڪري رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.