سنڌ ۾ ڪرپشن عام آهي:اسٽيبلشمينٽ جي شخصيت

اسلام آباد/واشنگٽن(فياض ولانا+شاهين صهبائي)نومبر ۾ ايڪسٽينشن ڏيڻ جي معاملي تي اسلام آباد جي ايوانن ۾ هُل متل آهي،اهم حڪومتي شخصيتن جي فون رڪارڊنگ جو به چئوٻول آهي،هڪ ليگي اڳواڻ واضح طور تي چئي ڇڏيو آهي ته اسان ڪنهن به شخصيت جي ملازمت مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪنداسين،هن وقت ن ليگ جا چار اڳواڻن جن ۾ ٻه وفاقي وزير،هڪ صلاحڪار ۽ هڪ ايم پي اي شامل آهن انهن جي ڪرپشن جا فائل کوليا ويا آهن،طاقتور حلقا ڊرائنگ رومن ۾ ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪندي نظر اچن پيا ته پيپلزپارٽي وارا واقعي ڪرپٽ آهن،ٽيمپا ۾ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم ترين شخصيت پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عام آهي،ان جو مطلب ته پ پ وارا به سهڪار نه ڪندا ۽ محسن نقوي جي حمايت نه ڪئي وئي ته پ پ وارن جا به فائل کلي ويندا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.