سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار حنا شاھ، اسد شاھ ۽ فياض جي ضمانت منظور ڪندي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي مڙهيندي پاسپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس م نامزد جوابدارن جي ضمانت خيرپور جي عدالت رد ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر م اپيل داخل ڪئي وئي، جوابدارن پاران داخل اپيل تي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن جي ضمانت منظور ڪنڌي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي مڙهيندي پاسپورٽ عدالت جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 14 آگسٽ 2023 تي پيش آيل واقعي ۾ مبينا تشدد سبب فاطمه ڦرڙو جو موت ٿيو هو، جنهن کان اڳ سندس تڙپڻ واري وڊيو به سامهون آئي هئي. ميڊيا تي معاملو اچڻ بعد مرڪزي جوابداراسد شاهه گرفتار ٿيو هو، عدالت جوابدارن کي پنج، پنج لک رپين جي مچلڪن تي ضمانت ڏني، پر انهن جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.