ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان جي 78 هون آزادي جو جشن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، صبح سوير توپن جي سلامي سان ڏينهن جي شروعات ڪئي ويندي، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ جهنڊا ڦڙڪائي قومي ترانو وڄايو ويندو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ريليون، فليگ مارچ ۽ مختلف ثقافتي پروگرام منعقد ٿي رهيا آهن، جن ۾ عوام، شاگرد، ٻار ۽ بزرگ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهيا آهن۔ عمارتن، روڊن ۽ بازارن کي سائي، اڇي جهنڊي سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته رات جو آتشبازي جا شاندار مظاهرا به ڪيا ويا،
هن موقعي تي عوام کي آزادي جي اهميت ياد ڏياريندي وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو.