محسن نقوي کي وزيراعظم بڻائڻ جي ترديد

لاهور(گوهر بٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدر ۽ محسن نقوي  جي وزيراعظم بڻجڻ بابت افواهه هلي رهيا آهن، ڇا هڪ موجوده آرمي چيف، جيڪو عالمي طور تي طاقتور شخصيت آهي، اهڙي محدود عهدو قبول ڪندو؟ بلڪل غير منطقيڳالهه آهي.ٻيوته موجوده صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ سولو ناهي.محسن نقوي بابت به چيو پيو وڃي ته کيس وزيراعظم ان ڪري بڻايو پيو وڃي ڇو ته موجوده سسٽم سياسي طور تي ڊليور نٿو ڪري. پر سوال آهي ته جيڪڏهن ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ۽ تجربيڪار سياستدان ڊليور نه ڪري سگهيو، ته محسن نقوي، جنهن جي ڪا سياسي پارٽي ئي ناهي، ڪيئن ڪري سگهندو؟اڄ اسحاق ڊار ٻنهي ڳالهين جي واضح ترديد ڪئي آهي ته نه محسن نقوي وزيراعظم پيو بڻجي نه  ئي جنرل عاصم منير صدر ٿيڻ وارو آهي،هن چيو ته  حڪومت پنهنجي مدي تائين هلندي،هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي  ته حڪومت جو مدو اصل ۾ ان وقت تائين هوندو آهي، جيستائين وزيراعظم کي اسيمبليءَ جو اعتماد حاصل آهي. ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته لازمي 5 سال هئڻ گهرجن. جيڪڏهن اعتماد ختم ٿي وڃي، ته حڪومت ڊهڻ ۾ دير نه لڳندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.