ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ، وچ روڊ تي ڪار مٿان فائرنگ

ڪنڌڪوٽ(عوامي آواز نيوز) ڪنڌڪوٽ ۾ ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربند ڏوهارين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيوئي آهي، وڊيو ۾ صاف طور تي ٽن هٿياربند ڏوهارين کي هڪ مسافر ڪار تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ ملھير اسٽاپ وٽ  ڏوهارين هڪ مسافر ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور پاران ڪار نه روڪڻ تي ڏوهارين ڪار تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڇڏي. خوشقسمتي سان شهري معجزانه طور محفوظ رهيا، جڏهن ته ڪار کي گولين سبب سخت نقصان پهتو.

شهر ۾ روزانو جي بنياد تي ڦر جون درجنين وارداتون رپورٽ ٿي رهيون آهن، جن ۾ شهرين کان موٽر سائيڪلون، نقدي ۽ قيمتي سامان ڦريو پيو وڃي،سڄي صوبي جي پوليس امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.