يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش افسوسناڪ، حڪومت ڌيان ڏئي\آصفه ڀٽو

اسلام آباد (م ڊ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان يوٽيلٽي اسٽورن جي بندش بابت ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران اظهارِ خيال ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته افسوس سان ٻڌو آهي ته لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، يوٽيلٽي اسٽورن جي بندش جو حڪومتي فيصلو افسوسناڪ آهي، جنهن سان لکين ماڻهو بيروزگار ۽ سندن خاندان متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته اهو ناانصافي آهي ۽ اسان حڪومت کان ان تي جواب ٿا گهرون، حڪومت کان درخواست آهي ته ان تي ٻيهر ڌيان ڏنو وڃي، هي انتهائي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي، وفاقي حڪومت کي هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو⁠ ته هي ماڻهن جي معاشي مستقبل جو سوال آهي، واضح رهي ته ملڪ ڀر ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي،

 وفاقي حڪومت جي هدايت تي ملڪ ڀر جي يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون خريد و فروخت جو عمل هڪ آگسٽ کان مڪمل طور ختم ڪيو ويو ۽ ادارن جي سڀني اسٽورن مان خوراڪ ۽ ٻيو سامان ويئر هائوسز ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو اي آر پي سسٽم به هڪ آگسٽ کان مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.