شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي ) شڪارپور پوليس ۽ وڏيري جي ظلمن کان تنگ ٿي مبينا زيادتي جي ڪوشش بعد زھر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نينگري علينا بروھي جي حالت سول اسپتال ۾ سڌرندڙ، الزام ھيٺ آيل ڌر سراج بروھي پاران اسپتال ۾ برادري جي معززين کي موڪلي علينا بروھي جي امڙ کي ٺاهه ڪرڻ لاءِ چيو جنھن بعد نينگري جي امڙ گل بخت بروھي مردن سان صلاح مشوري بعد جواب جو چئي ميڙ آيل ماڻھن کي اسپتال مان واپس ڪري ڇڏيو، عوامي آواز جي خبر جو نوٽس وٺندي اي ايس پي پارس بکراڻي علينا بروھي واري مامري بابت ڪيس جي جاچ ڪندڙ انويسٽيگشن آفيسر نديم سومرو علينا ۽ ان جي امڙ کي طلب ڪري ورتو آھي انھي حوالي سان اي ايس پي جي پي آر او شھاب شيخ عوامي آوازسان ڳالھائيندي چيو ته نينگري جي زھر واپرائڻ واري خبر جو اي ايس پي نوٽيس ورتو آھي پوليس پاران نينگري ۽ سندن وارثن تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، جيڪڏھن ڪٿي به پوليس جي ڪوتاھي يا ڪو آفيسر ڌمڪين ۾ ملوث ھوندو ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، اي ايس پي پاران پوليس ۽ نينگري جي وارثن کي طلب ڪيو ويو آهي، اي ايس پي صاحبه وٽ انويسٽيگيشن آفيسر علينا بروھي مٿان حملي ۽ ڦر واري ڪيس ۾ ڪاغذ پيش ڪري ڪيس ڪينسل ڪلاس ڪرايو آھي جنھن ۾ علينا جي امڙ پاڻ پيش ٿي ھئي جنھن ۾ ھن چيو ھو ته اسان حملي ۽ ڦر واري ڪيس ۾ ٺھي ويا آھيون جنھن بعد ڪيس وڌيڪ پروسيس لاءِ اڳتي اماڻيو ويو، ھن چيو ته جيڪڏھن ھن کي پوليس ڌمڪائي زوري بيان ڏياريو آھي ته پوليس آفيسر خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، جيڪڏھن ڪيس ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو آھي ته ڪيس چالان ڪرڻ لاءِ ٻيھر فائل تيار ڪيو ويندو، ھن ٻڌايو ته باقي علينا سان زيادتي جي ڪوشش وارو ڪيس چالان ٿيل آھي، جڏھن ته ان حوالي سان نينگري جي امڙ گل بخت بروھي عوامي آواز کي ٻڌايو ته سراج جي ڌر اسپتال ۾ ميڙ موڪليو هو ته ٺاھ ڪيون اسان ان کي جواب ڏنو آھي ھن چيو ته انويسٽيگيشن آفيسر نديم سومرو جوابدار ڌر کان رشوت وٺي اسان جو سراج واري ڌر تي داخل حملي جو ڪيس خارج ڪرڻ چاھي ٿو اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ھيون ته ڪيس تان ھٿ نه کڻندا ته توھان جيل ۾ ويندوا، ان ڪري اسان کي جوابدارن سان گڏ پوليس کان به خوف آهي،
ھن چيو ته مھنجو مڙس ايران مزدوري تي ويل آھي ڪيس داخل سبب واپس نٿو اچي پوليس اسان مٿان داخل ڪوڙا ڪيس خارج ڪري اسان سان انصاف ڪري، ھوڏانھن انھي سلسلي ۾ انويسٽيگيشن آفيسر نديم سومرو سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگهيو، ڪرن ٿاڻي جي پوليس نينگري علينا بروھي مٿان حملي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس جوابدار ته گرفتار نه ڪري سگھي ويتر ماءُ ڌيءَ کي ڌمڪيون ڏئي ڪيس خارج ڪرڻ جو فائل تيار ڪري ورتو آھي، نينگري علينا جو معامرو عوامي آواز ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد ڪرن ٿاڻي جي پوليس ۾ ٿرٿلو متل آھي، پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته علينا بروھي مٿان ٿيل حملي ۽ ڦر واري ڪيس ۾ انويسٽيگيشن آفيسر نديم سومرو جوابدار ڌر کان ڪيس ڪينسل ڪلاس ڪرڻ ڳري رشوت وٺي ڪيس کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪاغذپڻ تيار ڪري ورتا آھن.