خيرپور ( عوامي آواز نيوز) خيرپور ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي تعليمي ادارن ۾ بجليجي ڊگهي ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا، تفصيل موجب، ويمن گرلز ڪاليج خيرپور جون درجنين شاگردياڻيون اڻ اعلانيل بجلي بندش خلاف ڪاليج جي اڱڻ ۾ گڏ ٿي ويون. ڪاليج جي پرنسپل مقصوده ڀٽي احتجاج جي اڳواڻي ڪئي، جڏهن ته شاگردياڻين ۽ استادن واپڊا عملدارن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي، غير اعلانيه لوڊشيڊنگ کي تعليم لاءِ تباهه ڪندڙ قرار ڏنو.شاگردياڻين چيو ته بنا اطلاع جي 8 ڪلاڪن لاءِ بجلي بند ڪرڻ وڏو ظلم آهي. سخت گرمي سبب ڪلاسن ۾ ويهڻ به ناممڪن ٿي پوي ٿو. سيپڪو جي سي اي او کي اپيل ڪئي وئي ته هو فوري نوٽيس وٺي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي، نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.