شاهنوازڪنڀر ڪيس: جاويد جسڪاڻي سميت چار پوليس اهلڪار اشتهاري قرار

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي پوليس تحويل ۾ قتل واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، انسپيڪٽر عبدالستار سمون سميت چئن پوليس اهلڪارن کي اشتھاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر شاهنواز کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري هاءِ پروفائيل ڪيس جي ٻڌڻي دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، سب انسپيڪٽر ۽ ٻن پوليس اهلڪارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.  ايف آءِ اي پاران عدالتي حُڪم تي اشتهاري قرار ڏنل اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي سميت 4 پوليس اھلڪار اشتھار ڏوھاري قرار ڏنلن جا پوسٽر شهر جي مُک جڳهن ۽ پوليس اسٽيشنن تي لڳائڻ ۽ اشتهاري قرار ڏنل  جوابدارن جا اشتهار هڪ ٻن ڏينهن ۾ اخبارن ۾ ڇپجڻ جي رپورٽ پيش ڪئئي وئي. عدالت ۾ ضمانت تي آزاد جوابدار عمرجان سرهندي پاران ٻڌڻي تي حاضر نه ٿيڻ تي سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمرجان سرهندي عمري تي ويل آهي. عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل 05 مفرور جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي سونهارو، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري، عمرڪوٽ پوليس جي سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، پوليس اهلڪارن لکمير ۽ محمد صديق پاران لاڳيتو عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ ۽ گرفتار نه ٿيڻ تي عدالت 04 جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي  جي جاويد جسڪاڻي سونهارو، عمرڪوٽ پوليس جي سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، پوليس اهلڪارن لکمير ۽ محمد صديق کي عدالت اشتهاري جوابدار قرار ڏيندي سندن اشتهار ڇپائڻ جون هدايتون جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 29 آگسٽ 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد قتل ڪيس جي فريادي وڪيل ابراهيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل اعجاز هاليپوٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ايس ايس پي جي رپورٽ پيش ٿيڻ تي امڪان اهن ته اڳوڻي ايس ايس پي کي به ٻين مفرور جوابدارن جيان اشتهاري قرار ڏنو ويندو. هنن ٻڌايو ته عدالت پاران ايف آءِ اي وارن کان اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن جي حوالي سان پڇاڪرڻ تي ايف آءِ اي وارن پنهنجي رپورت پيش ڪندي ٻڌايو ته عدالت پاران اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن جا ڦوٽو سندن شهرن جي پوليس اسٽيشنن، بس اسٽاپن سميت ٻين مُک جڳهن تي لڳايا پيا وڃن جڏهن ته جوابدار جي اخبار ۾ ڦوٽن سميت اشتهار ڇاپڻ لاءِ موڪليا ويا آهن جيڪي ڪجھ ڏينهن اندر لڳي ويندا جنهن تي عدالت کين هدايتون ڏيندي چيو ته رڳو جوابدارن جا ڦوٽو نه لڳايو ۽ ڇاپيو پر انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.