اسلام آباد (م ڊ) قانون ۽ انصاف واري وزارت سينيٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ملندڙ پينشن ۽ ٻين مراعتن جا تفصيل پيش ڪيا، سوالن جي وقفي دوران لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ 2010 کان 2024 تائين چيف جسٽس جي پينشن ۾ ٿيل اضافن جو تفصيلي احوال ڏنو ويو، قانون واري وزارت موجب، 2010 ۾ چيف جسٽس کي 5 لک 60 هزار رپيا ماهوار پينشن ملندي هئي، 2011 ۾ اها رقم وڌي 6 لک 44 هزار ٿي، 2012 ۾ 7 لک 73 هزار، ۽ 2013 ۾ 8 لک 50 هزار ٿي وئي، 2014 ۾ پنشن 9 لک 35 هزار ٿي، 2015 ۾ 10 لک 5 هزار، 2016 ۾ 11 لک 5 هزار ۽ 2017 ۾ 12 لک 17 هزار رپيا ٿي وئي، 2018 ۾ اها رقم 13 لک 38 هزار ٿي، جڏهنته 2021 ۾ 14 لک 52 هزار رپيا ٿي وئي، وزارت قانون ٻڌايو ته 2023 ۾ چيف جسٽس جي پنشن 16 لک 57 هزار رپيا هئي ۽ 2024 ۾ اها وڌي 23 لک 90 هزار رپيا ٿي وئي،سينيٽ ۾ جج جي بيواهه کي ملندڙ سهولتن جا تفصيل به پيش ڪيا ويا،جن موجب بيواهه کي ڊرائيور، خدمتگار، 2 هزار يونٽ بجلي ۽ مفت پاڻي فراهم ڪيو ويندو، گڏوگڏ مهيني ۾ 300 ليٽر پئٽرول به ڏنو ويندو، بيواهه کي انڪم ٽيڪس کان به ڇوٽ هوندي.