حسن علي ويسٽ انڊيز هٿان ٻي ون ڊي ۾ شڪست جو ذميوار بيٽرن کي قرار ڏئي ڇڏيو

ٽرينيڊاڊ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي ويسٽ انڊيز طرفان ٻي ون ڊي ۾ شڪست جو ذميوار بيٽرن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان لاءِ اهو هڪ ڏکيو ڏينهن هو، اسان جيڪا بالنگ ڪئي آهي، مان سمجهان ٿو ته اها هڪ غير معمولي ڪوشش هئي.
حسن علي چيو ته جهڙي نموني ردرفورڊ ۽ چيس کيڏيا، انهن اسان کي ميچ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، هي هڪ سٺو دورو ثابت ٿي رهيو آهي، اسان ويسٽ انڊيز ۾ هميشه انجواءِ ڪيو آهي.
هن چيو ته ٻاهرين ٽيمن لاءِ هتي کيڏڻ ڏکيو هوندو آهي ، پر اسان هميشه هتان جي ماحول جو لطف وٺندا آهيون، هتي هميشه تماشائي هر وقت موجود ۽ سپورٽ ڪندا آهن.
حسن علي چيو ته هن اٽڪل ٻن سالن کانپوءِ ون ڊي ڊي ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي ۽ ميچ ۾ سدائين سٺن ايرياز ۾ بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي بالنگ سان مطمئن آهيان ۽ هاڻي ٽِين ميچ جو اوسيئڙو آهي، ڪوشش هوندي ته هميشه جيان ٽيم لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.