نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ ون ڊي ٽيم جي موجوده ڪپتان روهت شرما جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان به ڌار ٿيڻ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 کيڏڻ جو امڪان نه آهي، ٻنهي رانديگرن جي آسٽريليا خلاف الوداعي سيريز ٿي سگهي ٿي، جيڪا آڪٽوبر ۾ کيڏي ويندي.
ياد رهي ته ۽ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما اڳ ۾ ئي ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آ) هاڻي ٽيسٽ جيان ون ڊي ٽيم ۾ به نوجوان رانديگرن کي ترجيح ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ورلڊ ڪپ تائين کيڏڻ لاءِ ٻنهي کي لازمي ڊسمبر ۾ وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻي پوندي.
واضح رهي ته بي سي سي آءِ طرفان هلندڙ سال جي شروعات ۾ ٻنهي سينيئر رانديگرن کي رنجي ٽرافي کيڏڻ جي به هدايت ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
رپورٽن موجب، سليڪٽر نوجوانن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب سينيئر ڪرڪيٽر ڪنهن به وقت وڏو اعلان ڪري سگهن ٿا.
اڃا تائين ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما طرفان اهڙي قسم جي خبرن تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو پر سندن خاموشي مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like