سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 14 آگسٽ جي موقعي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته آزادي خوشي جو موقعو آهي پر فائرنگ ڪرڻ غلط عمل آهي.
هن چيو ته خوشي جي موقعي تي شهري فائرنگ کان پاسو ڪن، ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لڳايو ويندو، سنڌ حڪومت آزادي جو جشن ڀرپور نموني ملهائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.