”مهرباني ڪري اسان جي ٻارن جون زندگيون خطري ۾ نه وجهو“ شنيرا ڪرم، هانيا عامر کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان لجينڊري وسيم اڪرم جي زال شنيرا اڪرم اداڪارا هانيا عامر جي موٽرسائيڪل تي سواري دوران ڊانس ڪرڻ واري عمل کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو
شنيرا اڪرم انسٽاگرام تي پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته کيس ڪنهن به مشهور شخص طرفان مان اهڙي قسم جو عمل ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، ڇو ته انفلوئنسر طور اسان کي ڪيئي ماڻهو فالو ڪن ٿا.
شنيرا سڀني انفلوئنسرز کي مخاطب ڪندي چيو ته اهڙا عمل سان اسان ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ نه وجهو، ڇو ته اهڙو عمل هزارين قيمتي جانيون جي وڃائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
شنيرا اڪرم چيو ته زندگي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي ۽ ماضي ۾ اهڙن اسٽنٽن سبب ڪيترائي ماڻهو زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن.
شنيرا سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ذريعي سڀني کي احتياط سان موٽر سائيڪل هلائڻ ۽ لازمي طور هيلمٽ پائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هن چيو ته توهان پنهنجي لاءِ نه سهي پر پنهنجي والدين، مٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ جيڪي توهان سان پيار ڪندا آهن انهن جي خاطر احتياط ڪريو، ڇو ته هڪ غلطي توهان جي پنهنجن لاءِ سموري حياتيءَ جو ڏُک بڻجي سگهي ٿي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني اداڪاره هانيا عامر جي موٽرسائيڪل تي ڊانس ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان به هانيا عامر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.