ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3600 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 58 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3086 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار 613 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 36 ڊالر گهٽجڻ سان 3361 ڊالر في اونس آهي.
You might also like