اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سفارتڪارن کي هراسان ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب 4 پاڪستاني سفارتڪارن کي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتڪار نجي رهائشگاهن ۾ مسواڙ تي رهي رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني سفارتڪارن کي رهائشگاهن جي مالڪن طرفان معاهدي جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب پاڪستاني سفارتڪارن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته انهن جي گهرن ۾ گيس ۽ انٽرنيٽ جون سهولتون به وقفي وقفي سان روڪيون پيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سفارتڪارن سميت 17 اسٽاف ميمبرن جي ڀارتي ويزائن ۾ واڌ به ڀارتي پرڏيهي وزارت ۾ دير جو شڪار آهي، 17 پاڪستاني اهلڪارن لاءِ 3 کان 5 مهينا اڳ ويزائن ۾ واڌ جي حوالي سان ڀارت کي درخواست ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو پاڻي به بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ ڏيڍ مهيني کان ڀارتي اخبارن جي پهچ به بند آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن پرڏيهي وزارت جي اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي اهلڪارن کي هراسان ڪرڻ لڳو، 4 سفارتڪارن کي گهر خالي ڪرڻ جو نوٽيس
You might also like