ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
چوماسي سيزن تحت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي پر هاڻ موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير موجب ڪراچي ۾ به برسات جا امڪان بڻجي رهيا آهن ۽ 17 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ به وقفي وقفي سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
هن ٻڌايو ته ان کان اڳ ڪراچي ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي، 17 آگسٽ جي شام يا رات کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.
You might also like