ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير چيو ته پاڪستان ۾ چوماسي سيزن اڃا ختم ناهي ٿيو پر وڌيڪ رنگ ڏيکاريندو.
هن ٻڌايو ته 14 آگسٽ تائين رڳو ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي، ڪالهه به اسلام آباد ۾ برسات ٿي ۽ اڄ سيالڪوٽ ۽ ڀرپاسي برسات جو امڪان آهي پر 14 آگسٽ کان وٺي 23 آگسٽ تائين اهي 10 ڏينهن پاڪستان لاءِ اهم آهن.
سندس چوڻ هو ته 14 آگسٽ کان اتر اوڀر پنجاب جي علائقن سيالڪوٽ، قصور، نارووال ۽ ڀرپاسي ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو، تيز برساتن سبب درياهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيندي ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو به رهندو.
هن چيو ته ان کانپوءِ برساتن جو هڪ نئون سلسلو ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ڏانهن شروع ٿيندو، 17 کان 23 آگسٽ تائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ وچولي درجي سان گڏوگڏ تيز برسات جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته ڪراچي ۾ به برسات جا امڪان بڻجي رهيا آهن ۽ 17 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ به وقفي وقفي سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
You might also like