خوشخبري، 14 آگسٽ کانپوءِ عوام کي وڏو رليف ملندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان عوام کي 16 آگسٽ کان تيل اگهن ۾ رليف ملڻ جو امڪان آهي.
گذريل 11 ڏينهن ۾ برطانوي ڪچي تيل جي اگهه ۾ 5 ڊالر 72 سينٽ لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 71.70 ڊالرن مان گهٽجي 65.98 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت گذريل 11 ڏينهن ۾ آمريڪي ڪچو تيل 5 ڊالر 71 سينٽ سستو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 69.26 ڊالرن مان گهٽجي 63.48 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي.
ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ تبديلي جو اعلان 15 آگسٽ تي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.