جنس بدلائيندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جي پٽ جو پهريون رکشا ٻنڌڻ، ڪنهن کي راکي ٻڌائين؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ سنجي ڀنگر جي پٽ آريان، جيڪو هاڻي عنايه ڀنگر آهي، هن سال پهريون ڀيرو جنس تبديلي کانپوءِ ڀيڻ طور رکشا ٻنڌڻ جو تهوار ملهايو ۽ پنهنجي ڀاءُ اٿاروا کي راکي ٻڌي.
ڀارتي ميڊيا جي جي رپورٽ موجب، 24 ورهين جي عنايه ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اٿاروا پهريون ڀيرو اهڙي طرح رکشا ٻنڌڻ ملهايو جو عنايه کيس راکي ٻڌي.
مقامي ميڊيا ڳالهائيندي عنايه بانگر چيو ته ” هي مون لاءِ هڪ جذباتي لمحو آهي ڇو ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڀيڻ جي حيثيت ۾ هي تهوار ملهائينديس.“
ان موقعي تي اٿاروا چيو ته جڏهن ” عنايه جنس تبديل ڪرائي هئي تڏهن کان سوچيندو هئس رکشا ٻنڌڻ تي ڇا ٿيندو، پر نيٺ اهو تهوار آيو ۽ هن مون کي راکي ٻڌي.”“
واضح رهي ته آريان 2023 ۾ هارمون رپليسمينٽ ٿراپي ذريعي هڪ ٽرانس جينڊر ڇوڪري طور جنس تبديل ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي تائين ٽرينڊ ڪندي رهي هئي.
عناته ٿراپي عمل دوران پيش آيل ڏکيائين ۽ جذباتي سفر جي ڪهاڻي سوشل ميڊيا تي پڻ شيئر ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.