راشد منهاس روڊ واقعو، ڊمپر ڊرائيور جو لائسنس ورهين کان ايڪسپائر، جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي ۾ جوابدار ڊرائيور کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
راشد منهاس روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي چٿيندڙ ڊرائيور کي جڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار وٽ هيوي ٽريفڪ لائسنس ناهي مليو، وٽس ايل ٽي وي لائسنس آهي، جيڪو 2016 ۾ ايڪسپائر ٿي چڪو آهي، جوابدار کان ڊمپر جي مالڪ جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.
هن ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ عوام جي تشدد سان جوابدار کي اک ۾ ڌڪ لڳو، واقعي جو ڪيس يوسف پلازا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.