نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي تجزئي نگار پراوين ساهني ڀارتي ايئر چيف جي پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ شڪي قرار ڏئي ڇڏي.
پراوين ساهني چيو ته ڀارتي ايئر چيف پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو، جيڪا دعويٰ ڀارتي ايئر چيف تقرير ۾ ڪئي، اها ايئر فورس جي پريس رليز ۾ نه هئي.
هن سوال اٿاريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڀارت ايف 16 جهاز کي فضا يا هينگر ۾ نشانو بڻائي ۽ 3 مهينن تائين دنيا کي خبر نه پئي؟ ڀارتي ايئر چيف اڃا تائين اهو ناهي ٻڌايو سگهيو ته جيڪي جهاز تباهه ڪيا ويا اهي ڪهڙا آهن.
واضح رهي ته ڀارتي ايئر چيف مارشل اي پي سنگهه جنگ ۾ پاڪستان جي 5 ويڙهاڪ جهازن سميت 6 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
ڀارتي تجزئي نگار، ايئر چيف طرفان پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ تي شڪ شبها ظاهر ڪري ڇڏيا
You might also like