سيالڪوٽ (م ڊ) ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو سيالڪوٽ اقبال سنگهيڙا ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب، ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو (اي ڊي سي آر) اقبال سنگهيڙا کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ڊي سي آر هائوسنگ سوسائٽي جي اين او سي لاءِ 17 ڪروڙ رپين جي رشوت ورتي. اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب، زاهد جاويد نالي شهري جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي. ذريعو جو چوڻ آهي ته رشوت مان 17 ڪروڙ مان 13 ڪروڙ رپيا رڪور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي 4 ڪروڙ رپين جي برآمدگي لاءِ ڇاپا ماريا پيا وڃن. اينٽي ڪرپشن موجب لاھور ۾ جوابدار جي گهر مان پئسن سان ڀريل گاڏي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.