پاڪستان لينڊ اٿارٽي صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد/ ٺٽو (نمائندا / پ ر) عوامي تحريڪ طرفان ٽن ڏينهن جو تعليمي تربيتي ورڪشاپ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ شروع  ٿي ويو آهي، تحقيق ڪرڻ جي سکيا جا سيشن ٿيا جنهن ۾ مختلف ڪتابن مان نوٽس ورتا ويا، ورڪشاپ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، علي محمد پرويز، ماهه نور ملاح، ڄام تماچي، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، بختاور ملاح، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، شاهين خاصخيلي، ساجده پرهياڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ورڪشاپ ۾ چيو ويو ته بندرگاهن جون ملڪيتون اٿارٽي حوالي ڪرڻ وارو پاڪستان لينڊ اٿارٽي بل 2025ع آئين تي حملو آهي، هي بل مظلوم قومن جي وجود تي وار آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ آمريڪي نوڪر حڪمرانن ملڪ دشمن، قوم دشمن بل پاس ڪري قائداعظم جي صوبائي خودمختياري واري پاڪستان جو قتل ڪيو آهي. پاڪستان لينڊ اٿارٽي ۽ ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ پارليامينٽ معطل آهي، اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي، صوبن جا وسيلا وفاق حوالي ڪري ايوبي ون يونٽ جي ڍونڍ کي قبر مان ڪڍي جيئاريو پيو وڃي، موجوده حڪومت ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن کان وڌيڪ بدتر حڪومت ثابت ٿي آهي، اتحادي حڪومت سموري ملڪ کي، مظلوم قومن جي زمينن، وسيلن ۽ عوامي ادارن سميت عوام جي سمورين ملڪيتن کي وڪري جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. بلاول شهباز اتحادي سرڪار لينڊ اٿارٽي کي سنڌ ۽ بلوچستان وڪرو ڪرڻ جا اختيار ڏئي عوام سان غداري ڪئي آهي، ورڪشاپ ۾ چيو ويو ته سياسي جدوجهد سان گڏ تعليمي ڪلاس هلائي سنڌ جي اجتماعي شعور جي آبياري ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، سنڌ کي درپيش خطرن کي سمجهڻ، انهن کان بچاءَ لاءِ پورهيت انقلابي سائنس تحت حڪم عمليون جوڙڻ لاءِ هن قسم جا تعليمي تربيتي ورڪشاپ انتهائي ضروري آهن، ٻي پاسي ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، نون صوبن جي مهم هلائي سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان گجو جي مورچاڻي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي مين قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ريلي کي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، خالق گنڌرو، مٺا خان لاشاري، درياءَ خان زئور، گھنور خان زئور، ايوب انڙ، بلاول لاشاري، ادريس پليجو، عبدالرشيد ميمڻ، رياض عباسي، حنيف ميمڻ، اقبال ميمڻ، اسلم سمون ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.