سنڌ اسيمبلي ميمبر رڳو پنهنجي فائدي لاءِ هڪ آواز، پگهارون ۽ سهولتون وڌائڻ جا بل منظور

ڪراچي( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر )سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونس وڌائڻ جي مسئلي تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر هڪ آواز بڻجي ويا. سنڌ اسيمبليءَ جي ڪالهه جمعيواري اجلاس ۾ ٽن اهم بلن جي منظوري ڏني ڏني وئي، جن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونس ۾ واڌ وارو بل، سنڌ بورڊز آف انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن (ترميمي) بل 2025 ۽ اينٽي ٽيررازم سنڌ ترميمي بل 2025 شامل آهن. ٽيئي بل قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار طرفان ايوان ۾ پيش ڪيا ويا.سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ڪارروائي دوران قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ الاؤنسز ۾ واڌ بابت بل پيش ڪيو، جنهن جي ايوان مرحليوار منظوري ڏني. سڀني ميمبرن بل جي حمايت ڪئي ۽ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا 7 آگسٽ تي هن بل جي مسودي جي منظوري ڏني هئي ۽ هاڻي اسيمبليءَ کان به منظوري ملي وئي. هن قانون سان حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي طرفن جا ميمبر برابر فائدو حاصل ڪندا ۽ ڪيترين ئي مراعات جا حقدار هوندا، جن ۾ مهمان نوازي الاؤنس، هائوس رينٽ الاؤنس، يوٽيلٽي الاؤنس، ڊيلِي الاؤنس، ڪنوينس الاؤنس، رهائش الاؤنس، ٽريولنگ الاؤنس، مائليج الاؤنس، مفت سفري سهولت، ٽيليفون جي سهولت، علاج جون سهولتون، آفيس مينٽيننس الاؤنس ۽ اهي سڀ الاؤنسز شامل آهن، جيڪي ڪنهن پارلياماني ڪميٽي طرفان سفارش ڪيا ويندا.منظور ٿيل بل تحت مخالف ڌر جو اڳواڻ هڪ صوبائي وزير جي برابر پگهار ۽ مراعات وٺڻ جو حقدار هوندو. ان سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جي مختلف پارلياماني ڪميٽين جا چيئرمين به ڪيترن الاؤنسز جا حقدار هوندا، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ بورڊز آف انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن (ترميم) بل 2025 ۽ اينٽي ٽيررازم سنڌ ترميمي بل 2025 به الڳ الڳ پيش ڪيا، جن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. وزير جو چوڻ هو ته 1972ع جي آرڊيننس ۾ چيئرمين بورڊ جو عهدو گريڊ 20 يا 21 جي برابر هو، هاڻي ٻنهي گريڊن جا آفيسر چيئرمين ٿي سگهن ٿا، جنهن سان بورڊز جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.هن موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر قائمخاني چيو ته بورڊن جي حالت بهتر ٿيڻ گهرجي، پر اسان جون ڪميٽي ۾ ڏنل تجويزون نظرانداز ڪيون ويون. اسان چاهيون ٿا ته بورڊن جي خودمختياري برقرار رهي. هن بل کي ٻيهر ڪميٽي ۾ موڪلڻ جي تجويز ڏني، جيڪا وزير قبول نه ڪئي. اسپيڪر ان کي ووٽ لاءِ پيش ڪيو ۽ بل ڪثرت راءِ سان منظور ٿي ويو.اجلاس دوران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه اعلان ڪيو ته 11 آگسٽ تي منيارٽي ڊي جي مناسبت سان سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اولڊ اسيمبلي بلڊنگ ۾ صبح 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ اقليتي نمائندن کي سڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.