واشنگٽن (م ڊ) هڪ آمريڪي رسالي دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فيلڊ مارشل عاصم منير سان امڪاني ڊپ سبب آمريڪي صدر سان ملاقات ڪرڻ کان لنوائي ويو، رسالي موجب، مودي 17 جون تي آمريڪي صدر جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته کيس خدشو هو ته آمريڪي صدر کيس فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪرائي سگهي ٿو، آمريڪيرسالي دعويٰ ڪئي آهي ته 17 جون تي آمريڪي صدر ۽ مودي وچ ۾ 45 منٽن جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اِها ئي فون ڪال آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ سان ڀرپور ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ ويڇا وڌڻ لڳا، ان تڪرار جي پهرين جهلڪ ان وقت نظر آئي جڏهن ٽرمپ ڀارتي معيشت کي ” مئل “ قرار ڏنو. ان کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف پڻ لاڳو ڪيو.