لاڙڪاڻي ۾ ٽي ماڙ سپر اسٽور ۾ باهه، ڪروڙين رپين جو نقصان

لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) مقامي جنرل پوسٽ آفيس جي ويجهو واقع ٽي ماڙ سپر اسٽور ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽور جي ٽنهي منزلن تي رکيل وڏي مقدار ۾ موجود سمورو سامان باهه جي شعلن ۾ سڙي رک ٿي ويو. باهه لڳڻ بابت پاڙي وارن صبح سوير مالڪن کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ مالڪن سان گڏ فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون. ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، جنهن کان پوءِ ٿڌ ڪرڻ (ڪولنگ) جو عمل شروع ڪيو ويو. امدادي ڪارروائي لاءِ اسٽور جي شٽرن ۾ لڳل تالا ٽوڙي سامان ٻاهر ڪڍڻ ۽ باهه وسائڻ جو ڪم ڪيو ويو. هي اسٽور مختلف اسڪولن جي يونيفارم، ڪتابن ۽ ٻين شين جي حوالي سان شهر ۾ اهميت رکي ٿو. اسٽور جي مالڪ موجب، باهه سبب لڳ ڀڳ ست ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڇو ته اسڪول ۽ ڪاليج کلي وڃڻ بعد يونيفارم ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ گراهڪ ايندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.