اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پروٽيڪٽڊ واهپيدارن بابت شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙيآهي، جيڪا حد 200 يونٽ کان وڌائي 301 يونٽ ڪرڻ تي غور ڪندي. ذريعن موجب، 201 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدار 6 مهينن لاءِ پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري مان نڪري وڃن ٿا ۽ هر مهيني لڳ ڀڳ 5 هزار رپيا واڌو بل ڏين ٿا. ايوان ۽ توانائي وزارت جا ذميوار به ان کي واهپيدارن سان زيادتي قرار ڏين ٿا. ڪميٽي اهو به جائزو وٺندي ته 200 يونٽ حد برقرار رکي وڃي يا گهٽ آمدني وارن لاءِ 300 يونٽ تائين ريليف ڏنو وڃي. رپورٽ موجب، 301 يونٽ کان وڌيڪ تي نان پروٽيڪٽڊ شرح لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هڪ تجويز اها به آهي ته 201 يونٽ صرف ساڳئي مهيني لاڳو ٿين. ڪميٽي سفارشون تيار ڪري ڪابينه کي پيش ڪندي، حڪومت جو چوڻ آهي ته گهٽ آمدني وارن کي هر ممڪن رليف ڏنو ويندو.