مريد شاخ ڀرسان پورهيت پيءُ پٽ اغوا، پوليس ڏوھارين جا پيرا گم ڪري آئي!

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ )اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي، ڏوھاري ھڪ دفعو ٻيھر سرگرم ٿي ويا، مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ريڻي ڪئنال وٽ ويٺل ميگهواڙ برادري جيگهر تي هٿياربندن ڪاھ ڪري گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ڌڻي پيءُ پٽ پورھيت صاحب ڏنو ۽ بالم ميگهواڙ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، اطلاع باوجود کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ دير سان پھچي، ڏوھارين جا پيرا گم ڪري واپس ٿي آئي، وارثن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ وس وارن کان مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اسين مسڪين آھيون، پورھيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليون ٿا، اسان جا ماڻھون جلد بازياب ڪرايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.