مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) گريٽر مانچسٽر پوليس پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
گريٽر مانچسٽر پوليس موجب، 4 آگسٽ تي جنسي زيادتي جي شڪايت ملي، زيادتي جو واقعو 23 جولاءِ تي مانچسٽر جي حدن اندر پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ان واقعي جي الزام هيٺ 24 سالن جي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
واضح رهي ته خميس ڏينهن عورت سان ميبنا لڄالت جي الزام ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي کي مانچسٽر مان گرفتار ڪري ضمانت تي ڇڏيو ويو هو.
انگلينڊ پوليس پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي کي ٻيهر ٻن هفتن کانپوءِ طلب ڪري ورتو آهي ۽ ان دوران مٿس برطانيا ڇڏڻ جي پابندي آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽر حيدر علي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته واقعو پاڪستان شاهينز ( اي ) ٽيم جي انگلينڊ دوري دوران پيش آيو.