خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبرن مبينا ڪرپشن خلاف سخت بيزاري جو اظهار ڪندي استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪنگري تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي ضلعي ڪائونسل ميمبرن ايم اين اي جاويد علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ استعيفائون پيش ڪيون.
ميمبرن جو الزام هنيو ته خيرپور ۾ ڪرپشن جو راڄ آهي، لکت شڪايتون ڏيڻ باوجود به ڪو به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي.
ضلعي ڪائونسل ميمبرن مطالبو ڪيو عليٰ اختيارين طرفان مبينا ڪرپشن تي ضابطو آڻي بجيٽ ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪئي وڃي.
You might also like