ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي ( 15 آگسٽ ) تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 15 آگسٽ تي صوبي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند رهندا.
واضح رهي ته 14 کان 17 آگسٽ تائين ڪُل چئن ڏينهن تائين تعليمي ادارا بند رهندا، جن ۾ 14 آگسٽ (خميس) آزادي ڏهاڙي جي موڪل سان گڏ 15 آگسٽ تي ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو شامل آهن، جڏهن ته 16 ۽ 17 آگسٽ ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل هوندي.