سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ غيرت جي نالي تي قتل خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي روڪٿام ۽ غيرت جي نالي تي قتل خلاف ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو آهي،  ٺهراءَ جي متن موجب، ايوان سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو.وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان مشاورت بعد سوشل ميڊيا جي صحيح استعمال لاءِ قانون سازي ڪري. ڊجيٽل حقن، ضابطن ۽ اخلاق جي شعور لاءِ به قدم کنيا وڃن.پيپلز پارٽي جي ميمبر شاهده رحماني طرفان غيرت جي نالي تي قتل خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته تازو وقتن ۾ ڪجهه صوبن ۾ اهڙا واقعا پيش آيا آهن. گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري طرفان پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. شهريار آفريدي اعتراض ڪندي چيو ته هي شهريت بل آهي ڇا؟ ايوان کي ٻڌايو وڃي. طلال چوڌري وضاحت ڪئي ته هي بل اڳ سينيٽ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿي چڪو آهي، اڳ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻي شهريت وٺڻ لاءِ پاڪستاني شهريت ڇڏڻي پئي ٿي. هن چيو ته جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن سان پاڪستان جي ٻٽي شهريت جا معاهدا ٿي ويا آهن، هاڻ اوورسيز پاڪستانين کي ٻي شهريت وٺڻ لاءِ پاڪستاني شهريت ڇڏڻي نه پوندي.ان کانسواءِ، طلال چوڌري وفاقي ترقياتي اداري ترميمي آرڊيننس 2025″ پيش ڪيو، ۽ رانا تنوير حسين "نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي آرڊيننس 2025” پيش ڪيو.پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته هاڻ ئي سيشن ختم ٿيو آهي، ۽ هاڻ آرڊيننس تيزي سان پيش ڪيا پيا وڃن، ڇا ائين ڪرڻ سان پارليامينٽ جي اختيارن کي گهٽ نه پيو ڪيو وڃي؟ رانا تنوير حسين جواب ڏيندي چيو ته آرڊيننس به آئين جو حصو آهن، اسيمبلي اجلاس دوران، غريبين ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن بابت سوال تي پارلياماني سيڪريٽري انڪشاف ڪيو ته کيس ڊپارٽمينٽ طرفان ڪا به بريفنگ نه ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.