لاهور(مزمل سهروردي)27هين ترميم جو وڏو هُل هلي رهيو آهي،جيڪي شيون 26هين ترميم ۾ نه ٿي سگهيون اهي 27هين ترميم ۾ شامل هونديون،ججن جي هڪ هاءِ ڪورٽ مان ٻي هاءِ ڪورٽ بدلي جي شق ان مسودي ۾ ممڪن آهي،آئيني بئنچ بدران آئيني عدالت بڻائي ويندي،ان ۾ نوان جج مقرر ڪيا ويندا،ججن جي احتساب جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويندو، اسٽيبلشمينٽ کي خدشا ان ڳالهه تي آهن ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبا مضبوط آهن،وفاق ڪمزور آهي،طاقتور ڌرين ۾ اها سوچ مضبوط آهي ته وفاق کي ڪمزور ڪري پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي،خدشو آهي ته 27 هين ترميم ۾ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويندو پر پ پ ان ڳالهه لاءِ تيار ناهي،ن ليگ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندي،صوبن جي معدنيات به وفاق جي ڪنٽرول ۾ اچي وڃي ان ترميم لاءِ به پ پ تيار نه هوندي،ذريعن موجب ڪجهه شين تي پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلاف موجود آهي،ان نڪتي تي به اختلاف آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي اختيار نه مليا،موجوده صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا مڪمل نه ٿيندي،26هين ترميم وانگر اڌ مطالبن تي عمل ڪيو ويندو،اسٽيبلشمينٽ جي گريٽر وفاق رٿا ۾ پيپلزپارٽي رڪاوٽ بڻيل آهي،ان ڪري پ پ کان بغير پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن،پلان تحت پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي جي صورت ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ميمبرن کي کٽرايو ويندو،ن ليگ کي جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ وڌيڪ 8 سيٽون ملي وڃن ته بلاول وفاقي سرڪار ڪيرائي نه سگهندو،جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جون سيٽون اڌ رهجي وينديون ٻئي پاسي 28هين ترميم جون به تياريون جاري آهن،پي ٽي آءِ ۾ به فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ويندو جيڪو اڳتي هلي ن ليگ سان هر ترميم ۾ گڏ هوندو،جڏهن ته پنجاب ۾ اڪثريت هئڻ ڪري ن ليگ به مضبوط وفاق جي حامي آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو