پورچوگال ۾ 20 هزار پاڪستانين جا 10 ارب ڊالرن جا اثاثا

دبئي(ڪامران خان)20 هزار پاڪستانين پاران پورچوگال جي ريئل اسٽيٽ ۾ 10 ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي،ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ آهي ته  مان جڏهن چيئرمين ايف بي آر هوس، ته اسان وٽ 5,000 کان وڌيڪ آفيسر هئا، جن مان اڌ کان وڌيڪ وٽ ٻٽي شهريت هئي.ڇا انهن پاڪستاني حڪومت جي اداري مان سيڪيورٽي ڪليئرنس ورتي ؟ جيڪڏهن اڄ پاڪستان جي حڪومت چاهي ته اها معلوم ڪري سگهي ٿي ته ڪيترا پاڪستاني پورچوگال ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن.اهو ڪم اڌ ڪلاڪ جو آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ 90 ارب ڊالرن  جي ڪرپٽو ڪرنسيءَ جا اثاثا موجود آهن.سوال اٿئي ٿو ته پاڪستانين وٽ اها ڪرپٽو ڪرنسي آئي ڪٿان؟فنڊ ڪٿي کان آيا؟في الحال پاڪستانين جا 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ جا اثاثا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن.جن مان قانوني طور اعلانيل اثاثا (FBR ۾) اٽي ۾ لوڻ جيترا آهن.هن چيو ته اسان جي تحقيق مطابق 20,000 پاڪستانين 10 بلين ڊالر کان وڌيڪ پورچوگال جي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ لڳايا آهن، خاص طور تي 2020 کان 2023 تائين، جتي "گولڊن ويزا” اسڪيم رائج هئي.هي اسڪيم 2023 ۾ ختم ٿي، پر ان کان اڳ 20,000 پاڪستانين ان مان زبردست فائدو حاصل ڪيو.سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر پاڪستاني ڇو ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ پناهگاهه ۽ شهريت ڳولين ٿا؟هن چيو ته ڪرپٽ عنصرن لاءِ ڪارو ڌن  لڪائڻ لاءِپورچوگال، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، مالٽا، سائپرس، گڏيل عرب امارات، وغيره سڀ هنن لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻجي ويا آهن.اڄ دبئي پاڪستانين جو ٻيو گهر بڻجي ويو آهي.2025جي شروعات ۾ جاري ٿيل انگن مطابق، دبئي ۾ پاڪستانين جون ملڪيتون 12.5 بلين ڊالر جي ويليو تائين پهچي چڪيون آهن.2016۾ پاناما پيپرز، پوءِ بهاماز ليڪس، ۽ ڪيترن ئي سياستدانن، بيوروڪريٽن، ججن جا اثاثا سامهون آيا، پر سزا ملي فقط نواز شريف کي – اها به سياسي بنيادن تي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.