اسلام آباد/ڪراچي/حيدرآباد/سکر( بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي قيد کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ احتجاج ڪيو جنهن ۾ عثمان ڊار جي پيرسن والدهه حنا ڊار سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ ايم پي اي ساجد مير کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جماعت ملڪ گير احتجاجي جلسن ۽ جلوسن جو اعلان ڪيو هو. راولپنڊي جي انتظاميهچيو آهي ته شهر ۾ قلم 144لاڳو آهي، جنهن تحت هر قسم جي احتجاجي ريلي، مظاهرو ۽ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي آهي۔ بي بي سي جي رپورٽر عمر دراز ننگيانا مطابق، پي ٽي آءِ لاهور ۾ 8 هنڌن تي احتجاج** جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻ جماعت احتجاج کي جي پي او چوڪ** ۽ **ايونِ اقبال** تي مرڪوز ڪرڻ چاهي ٿي۔ پشاور جي ريلي لاءِ وڏوڪنٽينرتيار ڪيو ويو آهي، جيڪو **حيات آباد** مان روانو ٿيندو۔ خيبر، مردان، چارسده، صوابي، نوشهرا ۽ مهند ضلعن مان قافلا شرڪت ڪندا پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته احتجاج جي شروعات کان پوءِ جماعت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته 5 آگسٽ رڳو شروعات آهي، آخري ڪال نه سمجھيو وڃي۔پي ٽي آءِ جي بيان ۾ چيو ويو ته ريحانه ڊار جهڙي بزرگ عورت سان پنجاب پوليس جو رويو شرمناڪ آهي۔ ڪراچي ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پوليس سان ٽڪراءُ ٿيو، جتي 50 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتارڪيا ويا۔ لاهور ۾ 30 کان وڌيڪ ڪارڪن** ريليون ڪڍڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيا ويا۔ هاڻ ڊي آءِ جي فيصل ڪامران مطابق، رستا بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، جنهن سبب گرفتاريون ٿيون۔ پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب **موٽر ويز** تي ٽرئفڪ متاثر ٿي آهي۔ خاص طور تي صوابي انٽرچينج شام 5 وڳي کان ٻنهي طرفن جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جنهن سبب مسافرن کي پريشاني ٿي۔ هري پور ۾ به جهاري کس مقام تي موٽر وي بند ڪئي وئي، جتي هزارا ڊويزن جي قافلن به شرڪت ڪئي۔ اسپيڪر **ملڪ احمد خان** جي حڪم تي پوليس، گرفتار ٿيل **اپوزيشن جي 9 ايم پي ايز** کي آزاد ڪيو۔ اجلاس دوران اپوزيشن اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ نعرا لڳايا، پوءِ احتجاج ختم ڪري پنهنجي سيٽن تي ويهي رهيا۔ڪنڌڪوٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ به باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ ڊويزنل اڳواڻ ڊاڪٽر اقرار جکراڻي، شعبان جکراڻي، عبدالعزيز سومرو جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ شريڪ ڪارڪنن وفاقي حڪومت خلاف ۽ باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باني پي ٽي آءِ ملڪ جو عوامي ليڊر آهي جنھن کي جيل ۾ رکڻ عوام سان زيادتي آهي پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي تائين احتجاج جو سلسلو جاري رھندو. نصيرآباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران باني پي ٽي آئي عمران خان جي آزاديءَ لاءِ زاھد ڦلپوٽو، منظور تنيو، بشير ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرو مختلف رستن تان ٿيندو آرٿر واھ جي پل تي پھتو، جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عمران خان کي ناحق باندي بڻايو ويو آهي، عمران خان ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن کي ھڪ سازش تحت اقتدار کان ٻاهر ڪڍي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري باندي بڻايو ويو آهي. ٺٽو پوليس پاران پي ٽي آئي جي عمران خان جي آزادي لاءِ اعلانيل ريلي کي روڪڻ لاءِ چوڪ چوڪ تي رنڊڪون، پي ٽي آئي ڪارڪن پوليس کي چڪمو ڏئي مڪلي کان ٺٽي تائين پھچڻ ۾ ڪامياب، پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، زوردار نعريبازي. پي ٽي آئي ٺٽو پاران پي ٽي آئي باني عمران خان کي جيل ۾ 2 سال مڪمل ٿيڻ تي سندس آزادي لاءِ مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو. جڏھن تہ پي ٽي آئي جي ريلي کي روڪڻ لاءِ ٺٽو پوليس پاران ڊي سي چوڪ سميت مختلف ھنڌن تي پوليس جي وڏي نفري جي ذريعي رڪاوٽون وجھڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي ٽي آئي ۽ ڪارڪن پوليس جي رڪاوٽن کي ناڪام بنائيندي ٺٽي تائين پھچي ويا ۽ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ضلعي صدر سيد امجد شاھ، ھوش محمد عباسي، وحيد رند، مراد خان پٺاڻ، عرفان ماڻڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري عمران خان جي آزادي لاءِ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت مڙھي وئي آھي، سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين سزائون ڏنيون پيون وڃن، ماڻھن کان احتجاج جو بنيادي حق بہ کسيو پيو وڃي. ھنن چيو تہ پي ٽي آئي باني 2 سالن کان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ قيد آھي، کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. جڏھن تہ احتجاج ختم ٿيڻ بعد وپاس پنھنجي گھرن ڏانھن ويندڙ پي ٽي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد امجد شاھ، جنرل سيڪريٽري ھوش محمد عباسي کي ٺٽو پوليس پاران گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو آھي. پي ٽي آء باني عمران خان جي سڏ تي گهوٽڪي ضلعي جي ڪارڪونن پاران سکر جي ڊويزنل صدر ميرافتخاراحمد لنڊ, محمدحسن چاچڙ, رئيس الهوسايو گهوٽو, آغا ارشد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪونن جو قافلو نڪتو جنهن ۾ شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي,ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آء جي سڏ تي پوري ملڪ جي عوام روڊن تي آهي,جعلي حڪومت کي عوام رد ڪري ڇڏيو . قمبر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان عمران خان جي آزادي ريلي جي سلسلي ۾ هڪڙا هائوس ۾ احتجاج ڪيو ويو آزادي ريلي جي اڳواڻن ڊويزن جنرل سيڪريٽري لاڙڪاڻو محمد علي خان هڪڙو،ضلعي صدر نثار احمد ڏيپر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي قائد عمران خان جي آزاديءَ لاءِ پرامن ريلي ڪڍي رهيا آهيون جڏهن ته انتظاميا بلا جواز چڙهائي ڪري هڪڙا هائوس تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي جيڪو سراسر غلط آهي .پني عاقل ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي، مظاهرا ڪيا ويا.