عدليا ڪرپشن جو حصو آهي، ڪهڙو جج ڪرپٽ آهي، سڄي خبر آهي: جسٽس محسن اختر ڪياني

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدليا ڪرپشن جو حصو آهي، اسان جو ڪهڙو جج ڪرپٽ آهي، چڱي ريت خبر آهي، اسلام آباد ۾ تپيدارن جي خالي جاين تي ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران تپيداري ۾ ڪرپشن ۽ رشوت خوري بابت تفصيلي رپورٽ جسٽس محسن اختر ڪياني جي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته تپيدارن منشي رکيا آهن، ڪرپشن ۽ رشوت ورتي ويندي آهي، اسٽيٽ ڪائونسل چيو ته اسان رپورٽ پيش ڪئي آهي ۽ انهن مسئلن جي حل کي به يقيني بڻائينداسين، ان تي جسٽس ڪياني چيو ته رپورٽ اچي وئي آهي، مون ڏسي ورتي آهي، اهو حال آهي، مون کي سڀ خبر آهي ته ادارن ۾ ڪيئن پيسا ورتا پيا وڃن؟ هن سوال ڪيو ته ڇا ڊپٽي ڪمشنر کي خبر ناهي ته سندس اداري ۾ ڪير ڪرپٽ آهي؟ مان ته چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته اسان جي عدليا ۾ ڪير ڪرپٽ آهي، انهن جو وس هلي ته رشوت کي قانوني طور لاڳو ڪري ڇڏين، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عدالت ڏيتي ليتي واري ڪيس ۾ قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي عمل ناهي ٿيو، چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڇو نٿا ڪرائين؟ ڊپٽي ڪمشنر ان نظام جو حصو آهي ۽ سڄو ڏينهن ڇا ٿيندو آهي مون کي خبر آهي، مان چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي عدالت گهرائي ٻن منٽن ۾ قانون سيکاري ڇڏيندس، جيڪڏهن منهنجي حڪمن تي عمل نٿو ٿئي ته اهي ٻئي عدالت ۾ پيش ٿين، هن اسٽيٽ ڪائونسل عبدالرحمان کي چيو ته توهان جي خاطري تي اڄ سخت آرڊر نه پيو ڏيان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.