سنڌ ۾ 16 لکن کان وڌيڪ ٻار محنت مزدوري تي مجبور آهن:چائلڊ ليبر سروي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ چائلڊ ليبر بابت 28 سالن کانپوءِ ٿيندڙ هڪ جامع سروي ۾ حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن. سنڌ چائلڊ ليبر سروي 2022-2024 جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ موجب، سڄي صوبي ۾ اڃا به 16 لکن کان وڌيڪ ٻار محنت مزدوري جهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. سنڌ جي ليبر کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته  سروي سنڌ جي ليبر کاتي ، يونيسيف ۽ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي گڏيل سهڪار سان  مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 16 لکن کان وڌيڪ ٻار چائلڊ ليبر جو شڪار آهن، جن ۾ وڌيڪ 10 کان 17 سالن جي عمر جا اهي ٻار آهن جيڪي خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جتي انهن کان ڪم وڌيڪ ڪلاڪ، سخت موسم ۽ غير محفوظ اوزارن سان ڪرايو پيو وڃي جيڪو سندن مقدر بڻجي چڪو آهي. رپورٽ موجب، پورهيت ٻارن جي اسڪول وڃڻ جي شرح صرف 40.6 سيڪڙو آهي جڏهن ته اهي ٻار جيڪي چائلڊ ليبر جو شڪار ناهن، انهن جي حاضري 70.5 سيڪڙو آهي. جيئن جيئن عمر وڌي ٿي، اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ اضافو ٿئي ٿو، خاص طور تي 14 کان 17 سالن جي ڇوڪرين ۾، جيڪي سراسري طور تي هفتي ۾ 13.9 ڪلاڪ گهريلو ڪمن ۾ مصروف رهن ٿيون ۽ تعليم جاري رکڻ سندن لاءِ وڌيڪ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ان حوالي سان سنڌ جي ليبر کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سروي رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته 1996 جي مقابلي ۾ صوبي ۾ چائلڊ ليبر جي مجموعي شرح ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، تنهن هوندي به اڃا به ڪيترن ئي ضلعن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جيئن قمبر شهدادڪوٽ ۾ چائلڊ ليبر جي شرح سڀ کان وڌيڪ 30.8 سيڪڙو، ٿرپارڪر ۾ 29 سيڪڙو، شڪارپور ۾ 20.2 سيڪڙو، ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 20.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ 2.38 سيڪڙو آهي. ڊي جي ليبر کاتو محمد علي شاهه ٻڌايو ته حڪومت کي هن رپورٽ جي روشني ۾ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن چائلڊ ليبر جو خاتمو ۽ ٻارن جي محفوظ، تعليم يافته ۽ روشن مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.