ڪراچي/اوٽاوا(حنيف دوامي)جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، جيڪو پاڻ کي پ پ پ جو اصل وارث سمجهي ٿو، پنهنجي سياسي ڪيريئر جي باقاعده شروعات ڪئي آهي. ڀٽو جونيئر جي مقبوليت وڌي رهي آهي،ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي جيڪي سندس پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب اهم شخصيت لاءِ خطري جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. ان خوف مان نجات لاءِ روايتي الزام لڳايا پيا وڃن تهڀٽو جونيئر جي پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي حاصل آهي، وفادار اڳواڻن کي زبردستي ڀٽو جونيئر جي پارٽي ۾ شامل ڪيو پيو وڃيان تي ڀٽو جونيئر ردعمل ڏيندي چيو ته هي سڀ ڪوڙ آهي، اسٽيبلشمينٽ اسان جي خلاف رهي آهي، اسان غدار ناهيون جو والد جي قاتلن سان ڪم ڪريون پيپلز پارٽي اڳواڻ ڌار ٿيڻ لڳاميئو خان رند نوابشاهه جو وڏيرو،جي ايم پتافي (ٽنڊو الهيار جو اڳوڻو ناظم) به ڀٽو جونيئر سان شامل ٿي ويوآهي ڀٽو جونيئر جي عوامي استقبال ۽ سياسي وڌاءَ سبب پ پ قيادت پريشان آهي،ڪو لنڊن هليو ويو،ڪو يورپ يا عمره تي هليو ويو،سنڌ حڪومت جي نئين ڪابينا به ٺهي نه سگهي ڇو ته هر ڪنهن کان پيسا ورتل آهن،ذريعن موجب، مخالفن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ اهم وزير کي هدايت ڪئي وئي آهي، جيئن ڀٽو جونيئر جي پارٽي ۾ ماڻهن جي شامل ٿيڻ جو رستو بند ٿئي،ماڻهن کي پوليس ڪيسن ذريعي ڊيڄاريو وڃي وڌيڪ اڳواڻ به رابطن ۾ آهن ڪجهه ويٺل وزير(ڪجهه لاڙڪاڻي ۽ ڪجهه حيدرآباد سان واسطو رکندڙ) به ڀٽو جونيئر سان رابطي ۾ آهن، ۽ جلد ئي وفاداري تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا۔