اسلام آباد (بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي شهرين، خاص طور تي افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي نئين مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي گهرو وزارت انڊر ٽرائل افغان شهرين جي واپسي لاءِ فارن ايڪٽ جي سيڪشن بي 14 لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊ جو مدو به 30 جون تي ختم ٿي چڪي آهي، ان کانپوءِ پي او آر ڪارڊ رکندڙن جو ملڪ ۾ قيام غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، گهرو وزارت طرفان ضلعي انتظاميا، پوليس، جيل انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته غيرقانوني رهندڙن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو وڃي، ان حڪم تي عملدرآمد ڪندي خيبرپختونخوا جي گهرو کاتي پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان شهرين کي فوري طور واپس وڃڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.